ٺوڙهي تور

ٺوڙهي تور

ٺوڙهي تور

ٺوڙهي تُورَ Painted Stork / Ibis leucocephalaus /: 102 سينٽي ميٽر (40 انچ) جسامت واري هن پکيءَ جا نر ماد هڪجهڙا ٿين ٿا ۽ هيءَ جنس محدود پيماني تي هجرت ڪندي آهي. هي پکي گهڻو ڪري ايشيا جي ميداني علائقن ۾ اڏامندو ڏٺو ويو آهي. هماليا پهاڙي سلسي واري پاسي به ٿوري تعداد ۾ رهي ٿو. اهڙي نموني سنڌو درياهه جي الهندي پاسي به سندس هجڻ جا نشان ملن ٿا. ان جي منڍي ٺوڙهي هئڻ سبب ڳاڙهي نظر ايندي آهي. ان ئي بي کنڀ حالت سبب هي پکي کنڀ پُسائڻ کان سواءِ ئي پاڻيءَ ۾ منڍي وجهي سگهندو آهي. ڊگهي ڳاڙهي چهنب هيـٺ وريل هوندي اٿس. پُٺي اڇي ٿئيس ٿي ۽ پَرَ اڇين ڪارين لهردار چوڪڙين سبب پري کان پڌرا هوندا آهن. پَرن جو ٻاهريون پاسو گلابي کنڀن تي مشتمل اٿس. اڃا به پوئتي هيٺ ڪارا کنڀ اٿس، انڪري مجموعي رنگ اڇو ڪارو گلابي اٿس. ڊگهيون ٽنگون پاڻي جهاڳڻ ۾ مددگار اٿس. ڍنڍن ۽ گپراٺن علائقن ۾ نظر ايندو آهي. اهو پکي تمام گپراٺن پاسن مان به خوراڪ هٿ ڪري سگهندو آهي. ان وٽ هڪ خاص ٽيڪنڪ آهي ته اهو پنهنجي اڌ کليل چهنب گپراٺي پاڻيءَ ۾ وجهي هيڏانهن هوڏانهن ڦيرائيندو آهي ۽ جيئن ئي ڪو شڪار لڳو جهپي وٺندو آهي. ھي تُور پکي ڏينهن جي وقت ۽ گروهه ۾ شڪار ڪندو آهي. رات جو وڻن تي وڏن ولرن جي صورت ۾ ڪالونين ۾ ٺهيل آکيرن ۾ رهندو آهي. آکيرو وڻ جي وچ تي ڪاٺڙين جي وڏي ٿلهي جي شڪل ۾ هوندو آهي. هي آبي ماحول تي ٻڌل حصن ۾ رهي ٿو. هن پکيءَ جي رهڻ جون جايون جبلن جا ڪنڀ ۽ چشما وغيره به ٿي سگهن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو